سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس

ڪتاب جو نالو سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتهاس
ليکڪ جئرام داس دولت رام
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-20-8
قيمت 100    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (531) PDF  E-Pub
انگ اکر

18 December 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     59551   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    جديد دور ۾ دنيا جي ٻولين جي تحقيق بابت جيڪو ڪم ٿيو آهي انهيءَ ڪي نوان تصور جوڙيا آهن، تنهن هوندي به تحقيق، مسلسل جاري رهڻ جو نالو آهي. ننڍي کنڊ ۾ اوسر پائيندڙ ٻوليون به دنيا جي ٻين ٻولين جيان ئي ارتقا جي مرحلي مان گذري اڄ جي صورت ۾ آيون آهن. اهو يقين آهي ته اڳتي هلي اُهي ڪهڙو رخ اختيار ڪنديون، اهو ڏسڻ اڃا باقي آهي. موهن جي دڙي مان نڪتل مهرن تي اُڪريل ٻوليءَ بابت ڪيترن ئي عالمن جا الڳ الڳ رايا آهن، جيڪي الڳ الڳ تحقيقي ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن، جن جي اڳتي هلي اڃا به ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻي آهي ۽ يقيناً ٿيندي. ائين ئي قديم تهذيبن ۽ ٻولين ۾ سنڌي تهذيب ۽ ٻولي به شامل آهي، جنهن بابت اڃا اڳتي هلي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻي آهي. سنڌ تمدني يا تهذيبي لحاظ کان جيتري قديم آهي، يقيناً سنڌي ٻولي به ايتري ئي قديم آهي. سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن بابت يا سنڌو لکت بابت اوائلي اهم دستاويز رگ ويد ئي سمجهيو وڃي ٿو. رگ ويد جيئن ته سنسڪرت ۾ لکيل آهي ۽ سنسڪرت جيئن ته کاٻي کان ساڄي لکبي آهي ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي بنياد ڄاڻندڙن جو اهو خيال آهي ته سنڌي قديمي وقت ۾ کاٻي کان ساڄي لکي ويندي هُئي. ساڳئي وقت اڄ اسين جيڪا سنڌي لپي پنهنجي ڪري چڪا آهيون، اها ساڄي کان کاٻي پاسي لکي ويندڙ آهي، ۽ اهي ئي ٻه اهم مفروضا رهيا آهن سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻن وٽ. هڪڙا هڪ راءِ جا آهن ۽ ٻيا ٻيءَ راءِ جا. سنڌيءَ کان سواءِ ڏسجي ائين ٿو ته ننڍي کنڊ جون ٻيون ٻوليون گهڻي ڀاڱي کاٻي کان ساڄي پاسي ئي لکيون وينديون آهن، مثال طور، هندي، بنگالي، مليالم، تيلگو ۽ ڪوڻڪي وغيره. پر سنڌي شايد واحد اهڙي ٻولي آهي جنهن جون پاڙون ته انهن ٻولين سان ملن ٿيون، پر اڳتي هلي اها ساڄي کان کاٻي پاسي لکجندڙ ٻولين جي سٿ جي ٻولي ڪري ڄاتي وئي يا سمجهي وئي ۽ ان کي ئي ان جو بنياد سمجهيو ويو.