اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پنجون)

ڪتاب جو نالو اسان جو شاهه لطيف (ڪتاب پنجون)
ليکڪ ڊاڪٽر فھميده حسين
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-9098-95-6
قيمت 50    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  (545) PDF  E-Pub
انگ اکر

4 October 2018    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     40296   ڀيرا پڙهيو ويو

    ڪتاب بابت


    هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان”سُرمومل راڻي“، ”سُر سهڻي“ ۽ ” سَسئيءَ جي پنجن سرن“ مان ڪجهه چونڊ بيت ڏنا ويا آهن. - سر مومل راڻي ۾، ”مومل ۽ راڻي“ جي ڪهاڻيءَ جي پس منظر ۾، راڻي جي روپ ۾ انساني ڪردار ۾ ، سورهيائي ۽ ڏاهپ جهڙا موضوع آهن ته ٻئي طرف مومل جي وڇوڙي ۽ وري ملڻ جي اميد جي ڪيفيت پڻ هن ڪتاب جو موضوع آهي. - سُر سهڻيءَ ۾ سنڌو درياهه جي موج ۽ مستيءَ واري زماني ۾ اُن جي دهشت ۽ ان سان تعلق رکندڙ ماحول جي عڪاسي ٿيل آهي. اهڙي ماحول ۾ ”سهڻي ميهار“ واري واقعي جي سورمي سهڻيءَ جي همت ۽ بي ڊپائيءَ کي پيش ڪيو ويو آهي. - ”سسئي پنهونءَ“ جي داستان ۾ وري ڪيچ مڪران جي شهزادي پنهونءَ ۽ سنڌ جي سسئيءَ جي ڪهاڻيءَ جي پس منظر ۾ اُن دور جي وڻج ۽ واپار، طبقاتي اوچ نيچ، سسئيءَ جي جابلو سفر جي ڏکن ۽ تڪليفن جو ذڪر ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل بيتن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ عورت کي پنهنجي روايتي وفا ۽ سچائيءَ واري ڪردار ۾ ڏيکاريو آهي.